خيرپور ۾ پئسن جي مامري تان پبلڪ هيلٿ کاتي سکر جي چيف انجنيئر محافظ سان گڏجي اڳوڻي ڊرائيور کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو

khairpur-map10-8

خيرپور ۾ پئسن جي مامري تان پبلڪ هيلٿ کاتي سکر جي چيف انجنيئر محافظ سان گڏجي اڳوڻي ڊرائيور کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو.

شهر جي ڳاڙهي پل واري علائقي ۾گذريل رات پبلڪ هيلٿ کاتي جي چيف انجنيئر شمس الدين شيخ محافظ سان گڏجي اڳوڻي ڊرائيور پيرسن غلام شبير شيخ کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

بي سيڪشن پوليس پيرسن ڊرائيور غلام شبير شيخ کي اسپتال کڻي وڃي رهي هئي ته هو رستي تي فوت ٿي ويو.

ايس ايڇ او نور ابڙو ٻڌايو ته شمس الدين نالي همراهه فون ڪري ٻڌايو ته سندس اڳوڻي ڊرائيور غلام شبير شيخ ڏانهن پئسا رهيل هئا نه ڏيڻ تان کيس مارڪٽ ڪرڻ سبب سندس طبيعت خراب ٿي وئي آهي.

هن چيو ته مان غلام شبير کي گاڏي ۾ اسپتال کڻي وڃي رهيو هوس ته رستي تي فوت ٿي ويو.

هن چيو ته مقتول پيرسن ٻڌايو ته کيس مارڪٽ ڪئي وئي آهي ۽ هو دم جو مريض به آهي تنهنڪري کيس جلد اسپتال پهچايو وڃي.

ايس ايڇ او چيو ته چيف انجنيئر شمس الدين شيخ سندس گارڊ ۽ موجوده ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،جلد کين گرفتار ڪري اصل حقيقتون سامهون آنديون وينديون.

 پوليس پيرسن ڊرائيور جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*