پاڪ سرزمين پارٽيءَ جي اڳواڻ رضا هارون چيو آهي ته ڪراچيءَ جي حالتن کي بلوچستان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي

raza haroon

پاڪ سرزمين پارٽيءَ جي اڳواڻ رضا هارون چيو آهي ته ڪراچيءَ جي حالتن کي بلوچستان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رضا هارون چيو ته ڀارتي جاسوس بلوچستان ۽ ڪراچيءَ ۾ نيٽ ورڪ جي ڳالهه ڪئي آهي، بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن تي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته متحده جي باني تي مني لانڊرنگ جو ڪيس آهي ۽ هڪ پارٽيءَ تي ڀارتي فنڊنگ جو ڪيس آهي، تنهن پارٽيءَ جا ميمبر اهم پاليسي ساز ادارن ۾ موجود آهن، جنهن جو اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف عدالتن ۾ پيش ٿي اهم روايت قائم ڪئي آهي پر سمورا وزير احتساب عدالت کان پنجاب هائوس تائين مصروف رهندا آهن.

هن چيو ته پي ايس پي وارن آن لائين ميمبرشپ شروع ڪري ڇڏي آهي، ميمبرسازي مهم ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي وئي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت مسلم ليگ ن جي پر پاڪستان جي آهي، وزيراعظم ٿورو ڌيان ملڪ ڏانهن به ڏئي.

سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، حڪومت ان تي ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي.

رضا هارون وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت دهشتگردي تي هڪ به بيان نه ڏئي رهي آهي، رڳو مذمتي بيان جاري ڪري رهي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*