قاضي احمد ۾ حيسڪو پاران واڌو بل ۽ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرڻ خلاف شهرين احتجاج ڪيو آهي

qazi ahmed

قاضي احمد ۾ حيسڪو پاران واڌو بل ۽ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرڻ خلاف شهرين  احتجاج ڪيو  آهي.

شهرين حاجي رمضان مهر جي اڳواڻي ۾ ايڊ مور پئٽرول وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي ناز باغ جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قاضي احمد ۽ نور شاهه فيڊر سميت سموري ڊويزن ۾ حيسڪو پاران واڌو بل لڳائي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي  وڃي ٿي، جيڪا شهرين سان وڏي ناانصافي آهي.

هنن چيو ته سندن ايس ڊي او واپڊا جي آفيس تي ڪيترائي ڀيرا شڪايت کڻي وياسين ته پر ڪو به جواب نه مليو.

آخر ۾ هنن مطالبو ڪندي چيو ته پيرنور شاهه فيڊر تي ھٿرادو لوڊشيڊنگ، اوور ريڊنگ ۽ ڊڊيڪشن ختم ڪري  ايس ڊي او واپڊا کي فوري طور هٽائي بجلي بحال ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*