پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزايافته ڪرڪيٽر شرجيل خان اپيل ڪيس جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪندو

sharjeel-khan

پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزايافته ڪرڪيٽر شرجيل خان اپيل ڪيس جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪندو.

پي ايس ايل ۾ اسپاٽ فڪسنگ سبب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر شرجيل خان تي پي سي بي اينٽي ڪرپشن ٽريبيونل اڍائي سال معطلي جي سزا سميٽ پنج سال پاپندي مڙهي.

ان فيصلي خلاف شرجيل خان لاهور هاءِ ڪورِٽ ۾ اپيل داخل ڪئي، جنهن جي جسٽس رٽائرڊ فقير کوکر ٻڌڻي ڪندي پي سي بي اينٽي ڪرپشن ٽريبيونل جو فيصلو برقرار رکيو.

هاڻي تفصيلي فيصلي بعد شرجيل خان جو وڪيل شيغان اعجاز ان کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته شيغان اعجاز مطابق پي سي بي ٻڌڻي پنهنجي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ ۾ ترميم ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*