ناڪاري سياست ڪندڙ هوش کان ڪم وٺن، پاڪستان اسان جو آهي،پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف

Shahbaz-Sharif-111017

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته ناڪاري سياست ڪندڙ هوش کان ڪم وٺن، پاڪستان اسان جو آهي، اسان سڀني کي گڏجي ان کي سنوارڻو آهي،

لاهور ۾ چونڊيل نمائندن سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته ناڪاري سياست ڪندڙ هوش کان ڪم وٺن.پاڪستان اسان سڀني جو آهي، ان کي گڏجي سنوارڻو پوندو.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته سياسي ڊرامي بازن قوم جو وقت برباد  ڪيو آهي.

هن چيو ته 2018 ع جي چونڊن ۾ عوام منفي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيندا.

شهبازشريف چيو ته الزامن ۽ ناڪاري سياست ڪندڙن جو سياسي مستقبل اونداهو آهي.

هن چيو ته عوامي خدمت کان انڪار ڪندڙن کي ملڪي ترقي پسند نه آهي.

شهبازشريف شاگردن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو ته پاڪستان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هر هڪ ٻار کي تعليم ڏيارڻي پوندي.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ذهين شاگردن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*