زمبابوي جي صدر استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

President-Robert-Mugabe--17117

 زمبابوي جي صدر استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. صدر موگابي جو چوڻ آهي ته فوج کيس اقتدار ڇڏڻ تي قائل نه ڪري سگهي آهي.

زمبابوي ۾ فوج پاران هراري جو ڪنٽرول سنڀارڻ کانپوءِ غير يقيني واري صورتحال برقرار آهي.

 صدر موگابي جي فوجي عملدارن سان ملاقات بابت هڪ تصوير جاري ڪئي وئي آهي، اخبار ۾ شايع ٿيل تصوير ۾ موگابي فوج جي سربراهه ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ٻن نمائندن سان ملاقات ڪري رهيو آهي.

 خابرو اداري موجب ٽيانوي ورهين جي موگابي عوام لاءِ جاري پيغام ۾ واضح ڪيو آهي ته فوجي عملدار کيس اقتدار ڇڏڻ تي قائل نه ڪري سگهيا آهن.

زمبابوي جي صدر موگابي پاران نائب صدر ۽ اڳوڻي فوجي عملدار ايمرسن مننگاوا کي برطرف ڪرڻ کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي بحران پيدا ٿيل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*