سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالنگ ڪوچ رميش رتنائڪي جو چوڻ آهي ته ڀارتي خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن فاسٽ بالر ليڪمال بهتري اسپيل ڪيو

srilankan coach rumesh ratnayeki

سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالنگ ڪوچ رميش رتنائڪي جو چوڻ آهي ته ڀارتي خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن فاسٽ بالر ليڪمال بهتري اسپيل ڪيو.

ڀارتِي شهر ڪلڪته ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سري لنڪن ٽيم فاسٽ بالنگ ڪوچ چيو ته ڀارتي ٽيم جا شروع وارا ٽي بيٽسمين جلدي آئوٽ ڪرڻ ۾ ليڪمال اهم ڪردار ادا ڪيو.

هن چيو ته وڏي عرصي بعد هن ڪنهن فاسٽ بالر جو اهڙو اسپل ڏٺو آهي.

رميش رتنائيڪي وڌيڪ چيو ته وڪيٽ فاسٽ بالرز کي مڪمل سپورٽ ڪري رهي آهي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته ميزبان ٽيم کي ٿوري اسڪور اندر آئوٽ ڪرڻ ۾بالرز ڪامياب ٿيندا.

ان موقعي تي ڀارتي ٽيم جي ڪوچ سنجي بانگر چيو ته شروع وارا بيٽسمين جلدي آيوٽ ٿيا، پر اڃان بيٽنگ لائن ۾ ڪيترائي بيٽسمين موجود آهن،جيڪي سٺو اسڪور ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*