آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جمعي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي

AD-Khuwaja-171117

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جمعي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

آٰ ءِ جي آفيس پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب اي ڊي خواجه پوليس عملدارن سان رابطو ڪري کين جمعي جي نماز دوران سيڪيورٽي جا انتظام بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

آءِ جي سنڌ، عملدارن کي چيو ته پيٽرولنگ ۽ سنيپ چيڪنگ جي عمل کي تيز ڪري بم ڊسپوزل اسڪواڊ کان حساس هنڌن تي سوئپنگ ڪرائي وڃي.

اي ڊي خواجه هدايت ڪئي ته مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين هنڌن تي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي، انتظامن ۾ لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*