صحبت پور ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

sohbatpur hadso

 صحبت پور ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

آزاد ڪشمير ڳوٺ وٽ مين روڊ تي سارين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ڊرائيور محمد شعبان ڀٽي، سلطان ڀٽي ۽ امتياز بهراڻي زخمي ٿي پيا.

 اطلاع تي شهيد ملڪ محمد ٿاڻي جي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي ديرا الهيار اسپتال پهچايو، جتان ابتدائي طبي امداد بعد کين لاڙڪاڻي نيو ويو.

پوليس موجب ٽريڪٽر ٽرالي حميد آباد کان ٺل وڃي رهي هئي، زخمي ٿيل ٺل جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*