قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي بابت وزارت جي نمائندي جي غير حاضري سبب پيپلزپارٽي واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو

national assembly

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي بابت وزارت جي نمائندي جي غير حاضري سبب پيپلزپارٽي واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڪورم ٽٽڻ جي ڪري اجلاس ملتوي ٿي ويو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران ايمبيسي روڊ تي وڻن جي واڍي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي جي ميمبر نعيما ڪشور چيو ته اسلام آباد ۾ وڻن جي واڍي سنگين ڏوهه آهي. سي ڊي اي کان پڇيو وڃي ته ڪنهن جي چوڻ تي وڻن جي واڍي ڪئي وئي.

نعيما ڪشور چيو ته معاهدي موجب هڪ وڻ بدران 10 وڻ لڳائڻا هوندا اهن.

پارلياماني گهرو سيڪريٽري ڊاڪٽر افضل چيو ته سي ڊي اي 190 وڻن جي واڍي ڪئي آهي.

ڊاڪٽر افضل چيو ته 190 وڻن جي بدلي ۾ صرف 210 وڻ لڳايا ويا آهن.

نعيما ڪشور چيو ته 210 وڻ گهٽ آهن، اوهان کي هڪ وڻ جي بدلي ۾ 10 وڻ لڳائڻا آهن.

ان موقعي تي پيپلزپارٽي پاران پاڻي کوٽ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو،

اجلاس ۾ لاڳاپيل وزير نه هئڻ سبب پيپلزپارٽي پاران واڪ آئوٽ ڪيو ويو، جنهن بعد ڪورم ٽٽڻ سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*