قومي اسيمبليءَ کانپوءِ سينيٽ به اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ترميمي بل منظوري ڪري ورتو آهي

senate

قومي اسيمبليءَ کانپوءِ سينيٽ به اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ترميمي بل منظوري ڪري ورتو آهي، جنهن بعد بل صدر مملڪت ڏانهن صحيح لاءِ اماڻيو ويندو، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته اسان سڀ مسلمان آهيون، ختم نبوت تي ايمان آهي، احمدي جي حيثيت آئين مطابق غير مسلم ئي رهندي، اليڪشن بل ۾ ڪابه بدنيتي شامل نه هئي.

سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدري جي صدارت هيٺ ٿيو، افغانستان ۾ ٿيل دهشتگرد واقعن، تربت ۾ مارجي ويلن ۽ ڪوئيٽا دهشتگردي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي لاءِ فاتحه پڙهي وئي.

ان موقعي تي قانون واري وزير زاهد حامد سينيٽ ۾ چونڊ سڌارن بابت ترميمي بل 2017 ع منظوري لاءِ پيش ڪيو.

ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ سڌارن بابت ايڪٽ ۾ 48 الف شامل ڪيو ويو آهي، بل موجب احمدين جي حيثيت تبديل نه ٿيندي.

ترميمي بل تحت ووٽر لسٽ ۾ داخل ڪنهن به ماڻهو تي سوال اٿي ته کيس 15 ڏينهن اندر طلب ڪيو ويندو ۽ جنهن تي اعتراض هجي اهو فرد اقرار نامي تي صحيح ڪندو ته هو ختم نبوت تي ايمان رکي ٿو، ختم نبوت تي ايمان نه رکندڙ جي حيثيت اها ئي هوندي جيڪا آئين ۾ ڄاڻايل آهي.

اجلاس ۾ سمورن ميمبرن چونڊ سڌارن جو ترميمي بل گڏيل طور منظور ڪري ورتو، جنهن کي منظوري لاءِ صدر ممنون حسين ڏانهن موڪليو ويندو.

بل جي منظوري بعد ختم نبوت بابت حلف نامو پراڻي حيثيت ۾ بحال ٿي ويو آهي، عام چونڊن کان اڳ اليڪشن ڪميشن کي نين تڪبندين ڪرڻ جي به اجازت ملي وئي آهي، جڏهن ته صدر جي صحيح بعد ترميم آئين جو حصو ٿيندي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن ڳالهائيندي چيو ته چونڊ سڌارن بابت ترميمي بل تي پنهنجو ووٽ ڏيڻ آيو آهي، هو چاهي ٿو ته مونجهارا ختم ٿي وڃن.

اعتزاز احسن چيو ته ڊي چوڪ تي ڌرڻي جي مون مخالفت ڪئي هئي، اڄ فيض آباد به مورچو بڻجي چڪو آهي، حڪومت فيض آباد انٽر چينج تي مورچو هڻي ويٺلن خلاف اڃا تائين ڪجهه به ڪري نه سگهي آهي ۽ پارليامينٽ تي دٻاءُ وجهي بل منظور ڪرايو پيو وڃي.

اعتزاز احسن چيو ته اڄ هيءُ ويٺا آهن سڀاڻي ڪو ٻيو اچي ڪنهن فرقي کي ڪافر قرار ڏيڻ لاءِ چوي ته پوءِ ڇا ڪيو ويندو؟

هن چيو ته منظور ڪيل بل موجب جيڪڏهن ڪو ڪنهن تي شڪ ڪندو ته ان کي 15 ڏينهن ۾ ايمان جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو.

اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدري ختم نبوت جي معاملي کي 1973 واري آئين موجب برقرار رکڻ تي قوم کي واڌيون ڏنيون.

عبدالغفور حيدري چيو ته ختم نبوت بابت حلف نامي بدران چونڊ بل ۾ اقرار نامي جو لفظ آيو، جنهن کانپوءِ پارليامينٽ ختم نبوت جي حلف نامي کي محفوظ ڪري ورتو آهي.

مولانا عبدالغفور  حيدري چيو ته اسان سڀ مسلمان آهيون ۽ ختم نبوت تي ايمان آهي، احمدين جي حيثيت آئين موجب، غير مسلم ئي رهندي.

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته 1973ع جي آئين موجب قاديانين جي حيثيت برقرار آهي، 39 سالن کانپوءِ نئين بل سان قانون واضح ڪري ڇڏيو ته قاديانين جي حيثيت غير مسلم ئي آهي.

قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته اسان سڀ مسلمان آهيون، ختم نبوت تي ايمان آهي، احمدي جي حيثيت آئين مطابق غيرمسلم ئي رهندي، اليڪشن بل ۾ ڪا به بدنيتي شامل نه هئي.

قانون واري وزير چيو ته  اڳ به هن بل ۾ احمدي، قادياني ۽ لاهوري گروپ کي غير مسلم قرار ڏئي چڪا آهيون.

هن چيو ته سيون سي تحت جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجو پاڻ کي مسلم ووٽر طور رجسٽر ڪرائيندو ته ان خلاف ڪو به شخص شڪايت ڪري سگهي ٿو، جنهن بعد 15 ڏينهن اندر ڪارروائي ڪئي ويندي.

قانون  واري وزير زاهد حامد چيو ته هو مسلمان آهي ۽ ڪڏهن به غلط سوچي  نٿو سگهي، ان حوالي سان سندس خلاف سوشل ميڊيا تي غلط پيغام ڏنو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*