لعلو رائنڪ ۾ قبرستان جو پلاٽ وڪرو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو آهي

lalurakain

  لعلو رائنڪ ۾ قبرستان جو پلاٽ وڪرو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو آهي.

 ڳوٺ ٿيٻا جي رهواسين پريس ڪلب پهچي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته ڳوٺ جي وڏيرن پئسن جي لالچ  ۾ اچي قديم قبرستان جو پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.

      هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ٿيٻا برادري جي قبرستان جو پلاٽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

مظاهري جي اڳواڻي منصور ٿيٻو، محمد امين ٿيٻو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*