سڪرنڊ ۾ جسقم بشير خان گروپ پاران سنڌ اندر انتهاپسندي، ڌارين جي آبادڪاري ۽ شگر ملز چالو نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

sakrand jsqm

سڪرنڊ ۾ جسقم بشير خان گروپ پاران سنڌ اندر انتهاپسندي، ڌارين جي آبادڪاري ۽ شگر ملز چالو نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جسقم هائوس کان ميڊيا سينٽر سڪرنڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، مسجدن ۽ امام بارگاهن تي حملا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ جي آبادگارن سان ظلم بند ڪري شگر ملز چالو ڪري مناسب قيمتون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتاجي دائرو وڌايو وينديو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*