واهي پانڌي جي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ڪاڇي واري علائقي جي بجلي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند ٿي وئي

wahi pandi bijli

واهي پانڌي جي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ڪاڇي واري علائقي جي بجلي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند ٿي وئي، جنهن سبب علائقي واسين کي سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پئجي ويو.

واهي پانڌي گرڊ اسٽيشن ۾اوچتو فني خرابي پيدا ٿي پئي، جنهن سبب صبح جو 6 وڳي کان بجلي بندٿي وئي، جيڪا سڄو ڏينهن بند رهي ۽ بجلي تي هلندڙ سمورو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو.

ڪاڇي  واسين جوچوڻ آهي ته سندن علائقي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ 12 کان 14 ڪلاڪ ڪئي پئي وڃي، مٿان وري هٿرادو فالٽ ڄاڻاڻي بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون ڪري کين نقصان رسايوپيووڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*