دادو ويجهو گرلس اسڪول ۾ چوپايو مال ٻڌڻ واري واقعي جو سيشن جج جي حڪم تي ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

Dadu Sindh

دادو ويجهو  گرلس اسڪول ۾ چوپايو مال ٻڌڻ واري واقعي جو سيشن جج جي حڪم تي ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هيد ماسترياڻي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پڻ تعليم کاتي کي خط لکيو ويو آهي.

ڳوٺ خير محمد پنهورجي گرلس اسڪول ۾جج جي  ڇاپي دوران چوپايو مال ٻڌل هئڻ واري معاملي جو ڪيس خدا آباد ٿاڻي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  دادو جي حڪم تحت اسڪول جي هيد ماسترياڻي رضيا سلطانا جي مڙس ڌڻي بخش پنهور ۽ ڀاڳئي حاجي خان پنهور خلاف داخل ڪيو ويوآهي.

جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طرفان هيد ماسترياڻي رضيا سلطاناخلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پڻ تعليم واري سيڪريٽري کي خط لکيو ويوآهي.ياد رهي ته ڪجه ڏينهن اڳ سول جج جي اوچتي دوري دوران اسڪول تي قبضو ڪري چوپايو مال ٻڌل هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*