لاڙڪاڻي ۾ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري اعلان خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويوآهي

larkana tehreek insaf

لاڙڪاڻي ۾ پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري اعلان خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويوآهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل، برمين، بنگالين، افغانين ۽ ٻين کي واپس اماڻيو وڃي.

لاڙڪاڻي پريس ڪلب سامهون عوامي تحريڪ جي احتجاجي مظاهري ۾عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شريڪ هو.

 ان موقعي تي حڪومت خلاف زوردار نعريبازي ڪئي وئي.

ميڙ کي خطاب ڪندي مقامي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت غيرقانوني ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ سميت ٻيون سهولتون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، اها سنڌ خلاف سازش آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا.

هنن چيو ته اهڙي عمل ذريعي سنڌي ڳالهائيندڙ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي  واپس اماڻيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*