سنڌ اسيمبلي پيشوراڻي تحفظ ۽ صحت بل 2017 متفقه طور منظور ڪري شرجيل ميمڻ کي گهرو کاتي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪري ڇڏيو آهي

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي پيشوراڻي تحفظ ۽ صحت بل 2017 متفقه طور منظور ڪري شرجيل ميمڻ کي گهرو کاتي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس شروع ٿيندي ئي دلچسپ گفتگو ٻڌڻ ۾ آئي، جنهن ۾ آغا سراج دراني رئوف صديقي کي شعر پڙهڻ جي فرمائش ڪئي، جنهن تي رئوف صديقي پوري غزل ئي پڙهي ڇڏي.

سوالن جوابن دوران رئوف صديقي چيو ته گاڏين جي فٽنيس نه هئڻ ڪري سماجي مسئلا وڌي رهيا آهن، جڏهن ته ڊرائيور گاڏين ۾ لڳل ٽيپ رڪارڊ جي گانن ۾ مست ٿي ڊرائيونگ ڪن ٿا.

ڪامران اختر چيو ته ٽرانسپورٽ مافيا وزير کي مامو بڻائڻ کان نه پئي مڙي، بغير اجازت جي ڪرايا وڌائي پئي.

ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر شاهه چيو ته سپر هاءِ وي کي موٽر هاءِ وي جو نالو ڏئي ٽول ٽيڪس وڌايو ويو آهي، جنهن جو بار عام ماڻهو ڀوڳي ٿو.

 ناصر شاهه چيو ته سپر هاءِ وي موٽر وي ناهي پر ان کي موٽر وي قرار ڏئي ٽول ٽيڪس اوڳاڙي زيادتي ڪئي پئي وڃي.

ٽرانسپورٽ بابت سوالن جواب کانپوءِ اسيمبلي سنڌ پيشيوراڻي تحفظ ۽ صحت بل 2017 جي منظوري ڏني ۽ شرجيل ميمڻ کي عرفان الله مروت جي جاءِ تي گهرو کاتي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪيو، جنهن بعد اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*