سپريم ڪورٽ جي سخت حڪمن بعد وفاقي سرڪار سنڌ ۾ مقرر ڪرپٽ پوليس آفيسرن خلاف جاچ شروع ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ جي سخت حڪمن بعد وفاقي سرڪار سنڌ ۾ مقرر ڪرپٽ پوليس آفيسرن خلاف جاچ شروع ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.

وفاقي حڪومت پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي، ڊي آءِ جي شهاب مظهر، ڊي آءِ جي فدا حسين شاهه، ايس پي سيد سلمان احمد سميت 10 پوليس آفيسرن خلاف ڪرپشن، غير قانوني ڀرتين ۽ ٻين معاملن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

آءِ جي سنڌ ۽ وفاقي گهرو سيڪريٽري گذريل ڏينهن رپورٽ جمع ڪرائي هئي جنهن ۾ سنڌ پوليس جي ۱۷ ۽ ۱۸ گريڊ جي آفيسرن جي ڪرپشن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*