پ پ سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته سموري ملڪ ۾ گوانٽانامو ۽ بگرام جيل جهڙا ٽارچر سيل آهن

farhatullah-babar

پ پ سينيٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته سموري ملڪ ۾ گوانٽانامو ۽ بگرام جيل جهڙا ٽارچر سيل آهن، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي پتو ئي ناهي ته ڪيترا ٽارچر سيل آهن.

سينيٽ ۾ رياستي ادارن ۽ اختيارن جي ورهاست تي ايوان ۾ ڳالهائيندي فرحت الله بابر چيو ته انهن ٽارچر سيلن ۾ ڪيترن ماڻهن کي رکيو ويو اڄ تائين نه ٻڌايو ويو آهي.

فرحت الله بابر چيو ته هڪ پارلياماني وفد کي انهن ٽارچر سيلز جي دورن جي اجازت ڏني وڃي، اهي ٽارچر سيل بلڪ هولز آهن ، سينيٽ چيئرمين کي انهن ٽارچر سيلز بابت رولنگ ڏيڻ گهرجي.

پ پ سينيٽر چيو ته  گوانٽانامو جهڙن ٽارچر سيلز جو رستو روڪڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي ۽ سپريم کي رڳو اهو ٻڌايو ويو آهي ته رڳو 45 ٽارچر سيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*