بلوچستان جي تربت واري علائقي ۾ ايف سي جي آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪمانڊر مارجي ويو

Turbat-29716

بلوچستان جي تربت واري علائقي ۾ ايف سي جي آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪمانڊر مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد يونس توڪلي پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل ايف جو ڪمانڊر هو.

آءِ يس پي آر موجب، ايف سي بلوچستان جي ڳجهي اطلاع تي تربت ۾ آپريشن ڪيو ته مقابلو ٿي پيو.

آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن ۽ ايف سي اهلڪارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪمانڊر يونس توڪلي مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، بي ايل ايف ڪمانڊر کي بليده کان 20ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ماريو ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته  مارجي ويل دهشتگرد يونس توڪلي  بليده ۾  15ڄڻن جي قتل ۾ ملوث هو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايف سي جو جنهن جاءِ تي مقابلو ٿيو 2 ڏينهن اڳ ان جاءِ تان 15ماڻهن جا لاش مليا هئا.

آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن ڳوٺ عبدالرحمان ۽ تربت ۾ ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد يونس توڪلي بي ايل ايف جي 8وڏن ڪمانڊرز مان هڪ هو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*