سپريم ڪورٽ قومپرست ڪارڪن انيس سومرو قتل ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ کي سڀاڻي ذاتي طور طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ  قومپرست ڪارڪن انيس سومرو قتل ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير رائو انوار کي سڀاڻي ذاتي طور طلب ڪري ورتو آهي، مقتول جي پيءُ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ايس ايس پي ملير کيس ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني مسلم ۽ جسٽس مقبول باقر تي ٻڌل ڊويزنل بينچ قومپرست ڪارڪن انيس الرحمان سومرو کي جعلي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرڻ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي ۾ ڊي آءِ جي سلطان خواجا عدالت ۾ پيش ٿي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته  واقعي جو ڪيس سهراب ڳوٺ ۽ سچل ڳوٺ ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز  اسماعيل لاشاري ۽  شعيب صديقي خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

ٻڌڻي دوران مقتول انيس الرحمان سومرو جي والد انور سومرو عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جي پيروي ڪرڻ تي کيس ڌمڪيون ۽ سندس پيڇو ڪيو وڃي ٿو.

هن عدالت کي ٻڌايو ته ايس ايس پي ملير رائو انوار کيس فون تي ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ راڄوڻي ٺاهه لاءِ  مٿس دٻاءُ وجهي رهيو آهي.

عدالت درخواستگذار جي بيان بعد آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ايس ايس پي ملير رائو انوار کي سڀاڻي ذاتي طور طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*