دهشتگردي ٽوڙ عدالت ارشد پپو قتل ڪيس ۾ جوابدار عبدالرحمان جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ارشد پپو  قتل ڪيس ۾ جوابدار عبدالرحمان جي ضمانت منظور ڪندي جڊشل مئجسٽريٽ ۽ شاهدن کي 12 مارچ تي طلب ڪري ورتو  آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت 7 ۾ ارشدد پپو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايم اين اي شاهجهان بلوچ سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا.

عدالت ڪيس ۾ هڪ جوابدار عبدالرحمان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي 2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ پاران هڪ دخواست جمع ڪرائي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ڪيس جي شاهدن جي 164 وارا بيان ۽ سڃاڻپ پريڊ وارا اصل  دستاويز گم ٿي ويا آهن، عدالت ۾ جمع ڪرايل ڪاپين تي ڀاڙيو وڃي.

جڊيشل مئجسٽريٽ جي درخواست تي اعتراض واريندي ايم اين اي شاهجهان بلوچ جي وڪيل چيو ته شاهدن جي 164 وارن بيانن جي اصل رڪارڊ کانسواءِ نقل ڪاپين تي ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي.

وڪيل جي اعتراض بعد عدالت جڊيشل مئجسٽريٽ ۽ شاهدن کي 12 مارچ تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*