خيبرپختونخواهه حڪومت صوبي جي مدرسن ۾ پڙهائيندڙ افغاني پيش امامن کي هفتي اندر نيڪالي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

خيبر پختونخواهه حڪومت، صوبي جي مدرسن ۾ پڙهائيندڙ افغاني پيش امامن کي هڪ هفتي اندر نيڪالي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ جي پوليس خيبر پختونخواهه پاران صوبائي گهرو کاتي کي هڪ رپورٽس اماڻي وئي آهي.

رپورٽ  موجب صوبي جي مدرسن ۾ پڙهائيندڙ افغاني پيش امامن جو انگ 2 سئو 94 آهي.

 صوبائي گهرو کاتي، ڊي آءِ جيز ۽ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته 2 سئو 94 افغاني پيش امامن کي فوري طور تي صوبي مان نيڪالي ڏني وڃي.

گهرو کاتي حڪمن تي عملدرآمد جي رپورٽ هڪ هفتي اندر پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*