ڀارتي عدالت سلمان خان خلاف ڪارا هرڻ مارڻ واري ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائيندي، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 7 سال قيد سزا اچي سگهي ٿي

ڀارتي عدالت بالي ووڊ جي سلو ڀائي خلاف ڪارا هرڻ مارڻ ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائي رهي آهي، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سلو ڀائي کي 7 سال قيد جي سزا اچي سگهي ٿي.

ڀارت جي جوڌپور جي عدالت  سلمان خان خلاف ڪارا هرڻ مارڻ سميت غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ استعمال ڪرڻ واري ڪيس جي فيصلي جي تاريخ 25 فيبروري مقرر ڪئي هئي.

ڀارتي ميڊيا موجب عدالت جلد فيصلو ٻڌائڻ واري آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته سلمان خان پاڻ به فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت ۾ موجود هوندو.

سلمان خان ۽ ڪجهه ٻين بالي ووڊ اسٽارز تي الزام آهي ته هنن 1998ع ۾ پهرين ۽ ٻي آڪٽوبر جي وچ واري رات جوڌپور ويجهو ڪنڪني ڳوٺ ۾ ”هم ساٿ ساٿ هين“ جي شوٽنگ دوران غير قانوني هٿيار، مدي خارج لائسنس رکڻ ۽ ٻه ڪارا هرڻ مارڻ ۾ ملوث آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*