خيرپور ويجهو ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ مسافر وين مٿان ڪلٽي ٿي پئي

Road-Accident-201016

 خيرپور ويجهو ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ مسافر وين مٿان ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾هڪ عورت سميت 20 ڄڻا فوت، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

  شاهه حسين باءِ پاس قومي شاهراهه تي ڳوٺ محمود ڦلپوٽو ويجهو ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪ هڱورجا کان خيرپور ويندڙ وين کي ٽڪر هنيو.

   اکين ڏٺن شاهدن موجب ٽرڪ وين کي پري تائي گهليندي وئي.

 حادثي جي اطلاع تي پوليس اهلڪار، امدادي ٽيمون ۽ وڏي تعداد ۾ علائقي واسي پهچي ويا.

    وين جي ڇت ٽوڙي ڦاٿل مسافرن کي سول اسپتال خيرپور پهچايو ويو.

    ذريعن موجب حادثي ۾ 14 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي چڪا هئا، 6 ڄڻا اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهي فوت ٿيا.

   حادثي ۾ فوت ٿيلن جي اڪثريت جو تعلق هنگورجا، راڻيپور، ڪوٽ ڏيجي ۽ گمبٽ سان ٻڌايو پيو وڃي.

      فوتين ۾ جميل سولنگي، هدايت علي سولنگي، صدر الدين جوڻيجو، نذير اڄڻ، ٻانهو اڄڻ، نويد سولنگي، عبدالرشيد کهڙو، محمد رمضان عباسي، تنوير لنڊ، موهن داس، خليل لغاري، تنوير اڄڻ، پتنگ علي ڪانڌڙو، پرويز لنڊ ۽ ٻيا شامل آهن. زخمين ۾ ثابت علي، امجد علي جوڻيجو، پٺاڻ جوڳي، محمد صفر ڦلپوٽو، نديم علي شامل آهن.

        سي سيڪشن پوليس موجب ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

       ٻئي طرف سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، هن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته فوتين جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري زخمين کي بهتر طبي سهولتون ڏنيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*