روزاني ڪوشش جي ايڊيٽر رشيد راڄڙ جي جنازي نماز ڄامشوري ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ رمضان راڄڙ ۾ ادا ڪئي وئي آهي

jamshoro-210516

روزاني ڪوشش جي ايڊيٽر رشيد راڄڙ جي جنازي نماز ڄامشوري ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ رمضان راڄڙ ۾ ادا ڪئي وئي آهي.

روزاني ڪوشش جي ايڊيٽر رشيد راڄڙ جي جنازي نماز ۾ ايس ٽي پي سربراهه جلال محمود شاهه، نياز ڪالاڻي، غلام رسول سهتو سميت ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

رشيد راڄڙ گذريل رات 53 سالن جي عمر ۾ ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو هو، مرحوم سوڳوارن ۾ بيواهه، هڪ پٽ ۽ 4 نياڻيون ڇڏيا آهن.

رشيد راڄڙ 21 سالن کان روزاني ڪوشش جي ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*