سنڌ اسيمبلي جو اجلاس پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي ورسي جي ڪري سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي ورسي جي ڪري سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ نصرت سحر عباسي چيو ته دعا ڪريو ته جمعي جي ڏينهن کي بليڪ فرائيڊي سڏيندڙن کي الله هدايت ڏي.

اسيمبلي اجلاس ۾ خيرپور حادثي جي فوتين جي ثواب، روزاني ڪوشش جي ايڊيٽر رشيد راڄڙ ۽ پاڪ فوج جي شهيدن لاءِ دعا به گهري وئي.

صوبائي وزير سڪندر مينڌرو اسپيڪر کي مخدوم امين فهيم جي ورسي جي ڪري اجلاس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪا اسپيڪر، درخواست منظور ڪندي صوبائي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*