سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خواجه اظهار چيو آهي ته سعيد غني کي به منظور وساڻ جيان خواب ڏسڻ جي بيماري لڳي وئي آهي

khuwaja izhar hassan

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خواجه اظهار چيو آهي ته سعيد غني کي به منظور وساڻ جيان خواب ڏسڻ جي بيماري لڳي وئي آهي، سعيد غني ڪراچي تي قبضي جو خواب ڇڏي ڏي، پهرين لياري جي سيٽ بچائي.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو مستقبل ٻڙي آهي، پ پ اندر بغاوت ٿيندي ۽ اها چونڊن ۾ سڀني کي نظر ايندي.

هن چيو ته اڄ به ٿر ۾ ٻار کي صاف پاڻي ۽ کاڌو دستياب ناهي، جيڪا سنڌ حڪومت لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪرڻ بدران مخدوم امين فهيم جهڙي شخصيت کي اسيمبلي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ها.

خواجه اظهار چيو ته سعيد غني کي به منظور وساڻ جيان خواب ڏسڻ جي بيماري لڳي وئي آهي، سعيد غني ڪراچي تي قبضي جو خواب ڇڏي ڏي، پهرين لياري جي سيٽ بچائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*