ساماري ۾ جسقم ڪارڪنن سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي ڪاري خلاف ۽ٻين مطالبن جي مڃتالاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو

samaro

ساماري ۾ جسقم ڪارڪنن سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي ڪاري خلاف ۽ٻين مطالبن جي مڃتالاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

 جسقم ڪارڪنن رمضان  خاصخيلي، نواز رند ، علم الدين ، سارنگ خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪرڻ بعد  شاھ لطيف چوڪ تي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سازش تحت سنڌ ۾ بهارين ، بنگالين ۽برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا پياوڃن.

هنن چيو ته  جيڪي چونڊيل نمائندا ان سازش ۾ ملوث هوندا، انهن جي خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾پاڻي جي کوٽ ختم ڪري، مذھبي انتهاپسندي کي روڪيو وڃي ۽ سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*