ڪراچي ۾ ٻي ايل اين جي ٽرمينل جو افتتاح ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪو منصوبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪري ڏيکاريو

pm shahid khaqan copy

ڪراچي ۾ ٻي ايل اين جي ٽرمينل جو افتتاح ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪو منصوبو شروع ڪيو اهو مڪمل ڪري ڏيکاريو، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر فريم وريڪ فراهم ڪرڻ آهي.

شاهد خاقان عباسي ڪراچي جي بندرگاهه بن قاسم تي ٻي ايل اين جي ٽرمينل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته توانائي چيلينجز تي قابو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيا، موجوده حڪومت خوشنصيب آهي، جو پنهنجي ئي شروع ڪيل منصوبن جو افتتاح به پاڻ ئي ڪري پئي.

هن چيو ته جيڪو به منصوبو شروع ڪيو ان کي مڪمل ڪيو، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر فريم ورڪ فراهم ڪرڻ آهي.

وزيراعظم چيو ته جڏهن حڪومت سنڀالي ته ملڪ ۾ توانائي جو وڏو بحران هو ۽ بجلي جي کوٽ سبب ڪارخانا بند ٿي رهيا هئا.

ايل اين جي پروسينگ ٽرمينل مان 600 ايم ايم سي ڊي ايف گئس پنجاب ۾ اين ايل جي  تي هلندڙ پاور پلانٽس کي مهيا ڪئي ويندي.

ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪري کيس صوبي جي ترقياتي منصوبن ۽ ڪراچي ۾ جاري تي آپريشن تي آگاهي ڏني آهي، جنهن تي وزيراعظم وڏي وزير جي ڪاوش جي واکاڻ ڪئي.

وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي ملاقات ۾ گورنر سنڌ محمد زبير به موجود هو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*