صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ، گلشن معمار ۾ زمين الاٽمينٽ واري معاملي ۾ ڊي سي، اي سي ۽ مختيار ڪار سميت 5 جوابدارن کي پهرين گرفتار ڪري

Court-8317

صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ، گلشن معمار ۾ زمين الاٽمينٽ واري معاملي ۾ ڊي سي، اي سي ۽ مختيار ڪار سميت 5 جوابدارن کي پهرين گرفتار ڪري بعد ۾ چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ ڪراچي جي گلشن معمار ۾ زمين الاٽ ڪري جعلسازي ڪرڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس جو چالان پيش ڪيو، جيڪو عدالت واپس ڪندي پهرين جوابدارن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

زمين الاٽمينٽ معاملي ۾ ڊي سي زاهد ميمڻ، اي سي سراج، مختيارڪار لطيف بروهي، پ پ لاڙڪاڻي ڊويز جو اڳواڻ معشوق جتوئي ۽ گهڻو خان نامزد آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*