بنگلاديشي عدالت مخالف ڌر اڳواڻ خالده ضياءَ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

بنگلاديشي عدالت مخالف ڌر اڳواڻ خالده ضياءَ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

بنگلاديش ۾ وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي حڪومت خلاف مخالف ڌر پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، جنهن دوران بنگلاديشي عدالت خالده ضياءَ جا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

بنگلاديش نيشل پارٽي جي سربراهه خالده شيخ تي خيراتي فنڊ مان لکين ڊالر جي گهوٻين جا الزام آهن، جنهن جو عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي.

گذريل مهيني خالده ضياءَ پنهنجي حامين کي حڪومت خلاف هڙتال جو سڏ ڏنو هو، جنهن بعد احتجاج جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو هو.

بنگلاديش ۾ احتجاج دوران تشدد جي واقعن ۾ هن وقت تائين 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مارجي چڪا آهن، بي اين پي 2014 جي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو هو، سندن موقف هو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي، انڪري هو ان جو بائيڪاٽ ڪن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*