ٺٽي ۾آر بي او ڊي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

thato employee protest

ٺٽي ۾آر بي او ڊي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

آر بي او ڊي جي ملازمن عبدالغفار شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڊرينيج آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته کين 9 مھينن کان وٺي نه پگھارون مليون آھن ۽ نه ئي حڪومتي اعلانن باوجود پگھار وڌائي وئي آھي.

هنن مطالبو ڪيو ته کين پڪو ڪري رهيل پگهارون ادا ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*