سينئر سياستدان مخدوم امين فھيم جي ٻي ورسي ملھائي وئي، هالا ۾ورسي جي تقريب ٿي

hala bilawal bhutto

سينئر سياستدان مخدوم امين فھيم جي ٻي ورسي ملھائي وئي، هالا ۾ورسي جي تقريب ٿي، جنهن ۾بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين اڳواڻن سميت ماڻهن وڏي تعداد ۾ سرڪت ڪئي.

ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ هر حڪومت ۾ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪيو آهي، عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جو پهريون فرض آهي.

بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ٽراما سينٽر ۽ سکر ۾ گڙدن جي علاج جو سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار جو صحت واري شعبي کي اهميت ڏيڻ واکاڻ جوڳو عمل آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته مفت ۽ معياري تعليم عوام جو حق آهي، عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جو پهريون فرض آهي.

هن چيو ته مخدوم امين فهيم جو پ پ سان اڄ تائين لاڳاپو قائم آهي، مخدوم امين فهيم کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي،هن پ پ کان وفاداري تبديل نه ڪئي.

بلاول ڀٽو چيو ته پ پ جو بنياد لاهور ۾ رکيو ويو هو پر ان جو پهريون ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو هو.

جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه ورسي جي  تقريب کي  خطاب ڪندي چيو ته مخدوم امين فهيم هر ڏکئي وقت ۾ پ پ جو ساٿ ڏنو، اڄ جميل الزمان بلاول سان گڏ آهي ۽ ساٿ سدائين قائم رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*