وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪراچي ميگا منصوبي ۾ وڌيڪ 8 ارب رپين جي منصوبن تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

Syed-Murad-Ali-Shah-1817

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪراچي ميگا منصوبي ۾ وڌيڪ 8 ارب رپين جي منصوبن تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو.، جنهن ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ منصوبي سان واڳيل عملدار پيش ٿيا.

مراد علي شاهه مڪاني کاتي کي هدايت جاري ڪئي ته 15 ڊسمبر کان ڪراچي ميگا منصوبي جي ٻي فيز جي 8 ارب رپين وارين 14 اسڪيمن تي ڪم شروع ڪيو وڃي.

هن چيو ته هو پاڻ ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪندو ۽ هاڻ ان ۾ ڦيرڦار ڪندو.

وڏي وزير پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته سب ميرين انڊر پاس جو هڪ روٽ  15 ڊسمبر 2017 تائين عوام لاءِ کلڻ گهرجي ۽ سن سيٽ بليوارڊ فلائي اوور تي ڪم شروع ٿيڻ گهرجي.

صوبائي وزير ڄام خان شورو وڏي وزير کي ڪراچي پيڪيج ون منصوبي جي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ به ڏني، جنهن تي وڏي وزير وزير اطمينان جو اظهار ڪيو.

وڏي وزير چيو ته شاهراهه فيصل تي فلائي اوور جي مرمت اهڙي ريت ڪيو جو ٻيهر ان جي مرمت جي ضرورت نه پوي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*