سنڌ جي تعليم کاتي آءِ بي ٽيسٽ بعد ڀرتي ڪيل 957 استادن کي پگهارون جاري ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي
سنڌ جي تعليم کاتي آءِ بي ٽيسٽ بعد ڀرتي ڪيل 957 استادن کي پگهارون جاري ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ڪي ٽي اين نيوز کي مليل تعليم کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب استادن کي پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ اي جي سنڌ کي خط به لکيو ويو آهي.
آءِ بي سکر پاران ٽيسٽ وٺڻ بعد ڀرتي ڪيل 957 استاد گذريل 5مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف سراپا احتجاج هئا، جڏهن ته ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ باوجود کين پگهارون جاري نه پئي ڪيون ويون.