ميرپور بٺوري ۾ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين جي مبينا ڪرپسن خلاف پ پ سان لاڳاپيل ٻن ڪائونسلرن احتجاج طور علامتي بک ھڙتال ڪئي

mp batoro

ميرپور بٺوري ۾ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين جي مبينا ڪرپسن خلاف پ پ سان لاڳاپيل ٻن ڪائونسلرن احتجاج طور علامتي بک ھڙتال ڪئي.

ڪائونسلرن اقبال احمد شورو ۽ عبدالغفور ميمڻ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک هرتال ڪري نعربازي ڪئي.

جڏهن ته ٻنهي ڪائونسلرن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي ميرپوربٺوري جي چئرمين اياز ميمڻ جي نااهلي ، ڪرپشن ۽ عدم دلچسپي سبب  شھر بنيادي مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي.

 هنن چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ ايندڙ ماھوار لکين رپيا ٽائون چيئرمين اياز ميمڻ،  ٽائون آفيسر باقر بروهي ۽ سيڪريٽري فدا حسين سومرو پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري  ھڙپ ڪري رھيا آھن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*