پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ڪنهن کي خبر ناهي ته ملڪ ۾ حڪومت ڪير ڪري رهيو آهي

fawad chodhary

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ڪنهن کي خبر ناهي ته ملڪ ۾ حڪومت ڪير ڪري رهيو آهي، حڪومت مدو نه پر عدت پوري ڪري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته حڪومت جي رهڻ جو ڪو به جواز ناهي.

هن چيو ته نواز شريف ملڪ ۾ نٿو رهڻ چاهي جيڪڏهن ان کي ملڪ ۾ رهڻو آهي ته پوءِ پنهنجي ٻنهي پٽن کي به گهرائي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بيمار شخص آئيني طور تي نااهل ٿي ويندو آهي.

سندس چوڻ هو ته جنهن ڏينهن اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله جاچ اختيارين جي هٿ چڙهيا ته مافيون وسري ويندن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*