تربت سانحي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ايف آءِ اي ساڌوڪي ۾ ڪارروائي ڪندي 7 انساني اسمگلرز گرفتار ڪري ورتو

sadoki

تربت سانحي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ايف آءِ اي ساڌوڪي ۾ ڪارروائي ڪندي 7 انساني اسمگلرز گرفتار ڪري ورتو، گجرات مان گرفتار انساني اسمگلر سهيل شڪيل جي هڪ سهولتڪار کي به گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ اي گوجرانوالا سيل ساڌوڪي ۾ ڪارروائي ڪندي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ وڏي گروهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي .

گرفتار ڪيل  7 انساني اسمگلرن مان 4 جو تعلق بلوچستان سان آهي.

ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خالد انيس مطابق جوابدارن جي قبضي مان پاڪستاني پاسپورٽ، ٻيا دستاويز ۽ جديد اليڪٽرانڪ مشينون هٿ ڪيون ويون آهن.

ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار پاڪستان، ايران ۽ عراق کان انساني اسمگلنگ وسيلي شهرين کي يورپ موڪليندا هئا.

هن چيو ته  پڇا ڳاڇا دوران انڪشاف ٿيو آهي ته گروهه جو مرڪزي جوابدار حسنين تربت فائرنگ واقعي ۾ ملوث هڪ فرار ٿيل جوابدار اختر ميو سان رابطي ۾ هو.

ٻئي طرف ايف آءِ اي هڪ ٻي ڪارروائي ۾ گجرات مان هڪ جوابدار قيصر منير کي به گرفتار ڪيو آهي.

ايف آءِ اي مطابق قيصر منير گذريل ڏينهن گرفتار ٿيندڙ جوابدار سهيل شڪيل جو سهولتڪار آهي ۽ سهيل شڪيل تربت ۾ مارجي ويل پنجن ڄڻن کي ڪوئيٽا موڪليو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*