سنڌ اسيمبلي، ريلوي ڦاٽڪن تي گيٽ لڳائڻ، عورتن جي ميٽرنٽي جي مد ۾ 3 مهينا موڪل ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ گيس لوڊشيدنگ نه ڪرڻ جي حق ۾ ڌار ڌار ٺهراءُ منظور ڪيا ويا آهن

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي، ريلوي ڦاٽڪن تي گيٽ لڳائڻ، عورتن جي ميٽرنٽي جي مد ۾ 3 مهينا موڪل ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ گيس لوڊشيدنگ نه ڪرڻ جي حق ۾ ڌار ڌار ٺهراءُ منظور ڪيا ويا آهن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو.

آغا سراج دراني عيد ميلادالنبي جون ميمبرن کي واڌايون ڏنيون ۽ ميلاد اسيمبلي ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو.

اڄ به اسيمبلي ۾ دلچسپ جملا ٻڌڻ آيا، آغا سراج دراني چيو ته ڇا مڇر ڪالوني ۾ مڇر هوندا آهن، پوءِ ته سڀاڻي مڇر به چوندا ته اسان کي گهر ڏيو.

مرتضيٰ بلوچ، اسيمبلي ميمبر سميتا افضل سيد کي سميتا پاٽيل سڏيو، جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙا هنيا ويا.

سميتا افضل سوال ڪيو ته مڇر ڪالوني کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪهڙا قدم کنيا آهن، جنهن تي مرتضيٰ بلوچ جواب ڏنو ته حڪومت ڪالوني کي مرحليوار رجسٽر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، وفاق پاران اجازت ملڻ کانپوءِ کين سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

اسپيڪر آغا سراج دراني، ايم ڪيو ايم جي اي پي اي دلاور قريشي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي ٽائي چمڪي رهي آهي، رحمان ملڪ به سٺيون ٽائيون پهريندو آهي، ڇا رحمان ملڪ تحفي ۾ ڏني آهي؟ جنهن تي دلاور قريشي موٽ ڏني ته لڳي ٿو ته رحمان ملڪ به ايم ڪيو ايم ۾ اچي رهيو آهي.

نعيم کرل چيو ته ايوان ۾ جيڪي بزرگ ميمبر آهن اهي هفتي ۾ ٻه ڏينهن ٺيڪ هوندا آهن ۽ ٽي ڏينهن بيمار، انهن جي صحتيابي لاءِ دعا ڪريو.

پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان سمٽ بئنڪ جي سنڌ بئنڪ سان گڏائڻ خلاف التويٰ واري رٿ پيش جنهن جي صوبائي وزير سڪندر مينڌرو مخالفت ڪئي.

خرم شير زمان سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪنهن کي نوازڻ لاءِ سمٽ بئنڪ کي سنڌ بئنڪ ۾ ضم ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اهڙو قدم کنيو ويو ته عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.

سنڌ اسيمبلي، ريلوي ڦاٽڪن تي گيٽ لڳائڻ، عورتن جي ميٽرنٽي جي مد ۾ 3 مهينا موڪل ڏيڻ ۽ سنڌ ۾ گيس لوڊشيدنگ نه ڪرڻ جي حق ۾ ڌار ڌار ٺهراءُ منظور ڪيا، جنهن بعد اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*