اسلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ لاٿ ڪئي وئي

اسلام آباد انتظاميه سان ڳالهين بعد ٽرانسپوٽرز عوامي گاڏين جي ڀاڙن ۾ نالي ماتر لاٿ ڪري ڇڏي آهي، هاڻ گهٽ ۾ گهٽ ڀاڙو 15 رپيا ورتو ويندو.

اسلام آباد جي ڪمشنر آفيس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ لاٿ ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب 8 ڪلوميٽرز تائين جو ڀاڙو 20 کان 21 مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 14 ڪلوميٽرن تائين ڀاڙو 25 رپين مان 24 رپيا هوندو.

نوٽيفڪيشن موجب 30 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ تائين جو ڀاڙو 43 رپين بدران گهٽائي 40 رپيا هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*