سنڌ پوليس، ڪراچي ۾ عورتن تي چاقو سان حملن واري ڪيس ۾ اڳڀرائي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي

Sindh-High-Court-17117

سنڌ پوليس، ڪراچي ۾ عورتن تي چاقو سان حملن واري ڪيس ۾ اڳڀرائي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ موجب ساهيوال جي چاقو مار جي موبائيل ڊيٽا جي مدد سان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 10 مان 5 ڪيس اي ڪلاس تحت ختم ڪيا ويا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ عورتن تي چاقو سان حملن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پوليس اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪئي.

روپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ساهيوال جي چاقو مار جي موبائيل ڊيٽا جي مدد سان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته چاقو هڻڻ وارن 10مان 5ڪيس اي ڪلاس تحت ختم ڪيا ويا آهن.

پوليس عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته اطلاع ڏيندڙن جي نشاندهي تي روز جي بنياد تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته آءِ جي سنڌ معاملي تي ٻه ٽيمون جوڙيون آهن.

جسٽس نعمت الله رمارڪس ڏنا ته هن شهر ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ ۽ زخمي ڪرڻ بابت عدالت پورو ڪيس ٻڌندي، ضرورت پوڻ تي ڊي آءِ جي ۽ آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو ويندو.

رينجرز جي وڪيل دليل ڏنو ته چاقو حملن جي جاچ جو اختيار رينجرز وٽ ناهي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته پوءِ لکت ۾ ٻڌايو ته رينجرز وٽ ڪهڙا اختيار آهن ؟

درخواست گذار چيو ته هڪ جوابدار کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو هو ان کي به آزاد ڪيو ويو آهي.

عدالت پوليس کي رپورٽ تي 13 ڊسمبر تائين جواب تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*