اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان، جهانگير ترين ۽ عليم خان جا به ڪرپشن اسڪينڊل سامهون آيا

nawaz sharif copy

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان، جهانگير ترين ۽ عليم خان جا به ڪرپشن اسڪينڊل سامهون آيا، عدليا جي فيصلن سبب معيشت کي ڌڪ لڳو، سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جهڙا لفظ لکڻ عدليا کي نٿو سونهين.

احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته عمران خان، جهانگير ترين ۽ عليم خان جا به ڪرپشن اسڪينڊل سامهون آيا.

هن چيو ته عدليا جي فيصلن سبب معيشيت کي ڌڪ لڳو،  سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جهڙا لفظ لکڻ عدليا کي نٿو سونهين.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته رولز آف گيم هڪ جهڙا هجڻ گهرجن، عدليا جو ٻٽو معيار سامهون اچي رهيو آهي،

هن چيو ته رولز آف گيم هڪ جهڙا هجڻ گهرجن، عدليا جو ٻٽو معيار سامهون اچي رهيو آهو،

نوازشريف چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير سرڪاري گاڏين ۾ جلوس وٺي ڌرڻن ۾ پهچندو آهي.

هن چيو ته جيڪو ڪم اسان پورو ڪيو، ان کي سڄو پاڪستان تسليم ڪري رهيو آهي، ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿيو ۽ خوشحالي آئي،

هن چيو ته اسان جي خلاف فيصلا ته جلد اچي ويندا آهن پر خبر ناهي ته انهن جي خلاف فيصلا ڪڏهن ايندا،

هن چيو ته ڌرڻن جو سلسلو 2014ع کان جاري آهي، منهنجو اشارو خاص طور تي پي ٽي آءِ ڏانهن آهي، حڪومت سڪون سان ڪم ڪرڻ به نه پيو ڏنو وڃي.

نوازشريف چيو ته هن ملڪ ۾ الله جي ڪرم سان بجلي آئي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آيو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*