سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڻڄاتل ماڻهن کي جواب ملي ويو آهي ته نواز شريف جي سربراهي هيٺ سڀ متحد آهن

maryam-aurangzeb-27217

سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڻڄاتل ماڻهن کي جواب ملي ويو آهي ته نواز شريف جي سربراهي هيٺ سڀ متحد آهن، نون ليگ بابت هاڻي افواهون ختم ٿي چڪيون آهن.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب، طلال چوڌري، آصف ڪرماني ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اڻڄاتل ماڻهن کي جواب ملي ويو ته نوازشريف جي سربراهي هيٺ نواز ليگ متحد آهي،

هن چيو ته  افواهه پکيڙيندڙن کي جواب ملي ويو ته مسلم ليگ ن هڪ گهر آهي، هاڻ افواهون ختم ٿي چڪيون آهن.

مملڪتي وزير چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي پاسداري لاءِ نوازشريف عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته نوازشريف خلاف ڪو به ثبوت نه ملي سگهيو آهي، سندس خلاف ڪرپشن جو ڪو به ريفرنس نه ٺهي سگهيو ته اقامي جو ڪيس ٺاهيو ويو،

هن چيو ته هڪ ڏينهن هو، جڏهن چيو پئي ويو ته نوازشريف ڀڄي ويو آهي، اڄ اهو ڏينهن به اچي ويوآهي، جڏهن پڇيو پيو وڃي ته نوازشريف ڇو پيش ٿي رهيو آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته نوازشريف اڻڄاتل ماڻهن کي جواب ملي ويو آهي ته نواز شريف جي سربراهي هيٺ نواز ليگ متحد آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*