احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز حاضري کان ڇوٽ واري تاريخن ۾ تبديلي لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

MaryamNawaz-18117

احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز حاضري کان ڇوٽ واري تاريخن ۾ تبديلي لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، مريم نواز استدعا ڪندي چيو آهي ته حاضري ۾ ڇوٽ 5 ڊسمبر کان 5 جنوري تائين ڪئي وڃي.

احتساب عدالت ۾ مريم نواز حاضري کان ڇوٽ باوجود احتساب عدالت ۾ پيش ٿي ۽ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ۾ تاريخن جي تبديلي لاءِ درخواست جمع ڪرائي.

مريم نواز عدالت ۾ استدعا ڪئي ته حاضري کان ڇوٽ واري مدت ۾ 5 ڊسمبر کان 5 جنوري تائين تاريخ تبديل ڪئي وڃي.

واضح رهي ته مريم نواز احتساب عدالت ۾ پيشي کان هڪ مهيني لاءِ ڇوٽ حاصل ڪئي هئي، سندس حاضري کان ڇوٽ 20 نومبر کان شروع ٿي هئي، جيڪا 20ڊسمبر تي ختم ٿيڻي آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*