پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر تيزي سان طئي ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

Shahbaz-Sharif-111017

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر تيزي سان طئي ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان جي حڪومت ۾ عوام کي امن مليو آهي، تجارتي معاشي ۽ سماجي سرگرمين ۾ اضافو ٿيو ۽ اڻ ٿڪ محنتن سبب ملڪ اونداهي مان نڪتو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته نواز ليگ جي اڻ ٿڪ محنت سبب ملڪ ۾ اونداهي جي دور کان ٻاهر نڪتو.

هن چيو ته دهشتگردي ۽ توانائي بحران معيشت کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو.

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو ته هر طرف بدامني جي باهه هئي، 18، 18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي هئي،

شهبازشريف چيو ته نواز ليگ کي جڏهن اقتدار مليو تڏهن ملڪ معاشي طور اونداهي ۾ ٻڏل هو.

شهبازشريف چيو ته نواز ملڪ جي ترقي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ٻهراڙين ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ منصوبن تي اربين رپيا خرچ ڪيا.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته اسان جي دور ۾ پرامن، روشن ۽ معاشي طور تي مضبوط پاڪستان اڀرجي سامهون آيو آهي.

شهبازشريف چيو ته حڪومت رڪاوٽن باوجود عوامي خدٽم جو مشن جاري رکيو.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر تيزي سان طئي ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو،

شهباز شريف چيو ته گذريل چئن سالن جي نواز ليگ جي محنت جو نتيجو اچڻ شروع ٿي ويو آهي، تجارتي معاشي ۽ سماجي سرگرمين ۾ اضافو ٿيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*