گورنر سنڌ محمد زبير چيو آهي ته ڪراچي پيڪجز ڪنهن پارٽي لاءِ نه پر عوام لاءِ آهن

governer sindh

گورنر سنڌ محمد زبير چيو آهي ته ڪراچي پيڪجز ڪنهن پارٽي لاءِ نه پر عوام لاءِ آهن، اپريل يا مئي ۾ گرين لائين منصوبو مڪمل ٿي ويندو، سرڪلر ريلوي بابت خدشا به ختم ڪيا ويندا.

گورنر سنڌ محمد زبير ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر آهي، ڪراچي کي ماڊل سٽي بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

هن چيو ته ڪراچي پيڪيجز لاءِ بنيادي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، پيڪيجز ڪنهن پارٽي لاءِ نه پر عوام لاءِ آهن.

گورنر چيو ته اپريل يا مئي ۾ گرين لائين منصوبو مڪمل ٿي ويندو ۽ سرڪلر ريلوي بابت خدشا به ختم ڪياويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*