ٺاروشاهه ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي طرفان نوشهروفيروز لنڪ روڊ جي تعمير نه ٿيڻ خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

TharuShah-Sindh-Map-3517

ٺاروشاهه ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي طرفان نوشهروفيروز لنڪ روڊ جي تعمير نه ٿيڻ  خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران مختلف پارٽين جي اڳواڻن سيد امتياز شاھ، علي شير ڪيريو، عبدالرئوف خانزادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين ٻئي ڏينهن به بخاري لنڪ روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي نوشهروفيروز اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ۽ علامتي بک هرتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نوشهروفيروز کان ٺاروشاھ ويندڙ لنڪ روڊ جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، پر انتظاميا ان طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته روڊ تعمير ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*