سپريم ڪورٽ، ڪي ڊي اي جي آفيسرن جي اصل کاتن ۾ واپسي بابت درخواست تي ڊي جي ڪي ڊي اي

Supreme-Cour-Karachi-14317

سپريم ڪورٽ، ڪي ڊي اي جي آفيسرن جي اصل کاتن ۾ واپسي بابت درخواست تي ڊي جي ڪي ڊي اي، ايم ڊي اي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کان سڀاڻي جامع رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ ڪي ڊي اي جي 98 ملازمن جي پنهنجي اصل کاتن ۾ واپس موڪلڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ڪي ڊي اي جي ملازمن عدالت ۾ بيان ڏنو ته هاڻ ملازمن کي ڪي ڊي اي واپس قبول نه پئي ڪري، 7 مهينن کان پگهارون به بند آهن، جنهنڪري گهرن ۾ فاقا آهن.

عدالت رمارڪس ڏنا ته مڪاني کاتن جا ملازم ٻين کاتن ۾ وڃي اعليٰ عهدن تي ويهي رهندا آهن، جنهن کانپوءِ عدالت ڪي ڊي اي جي ڊي جي، ايم ڊي اي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي سڀاڻي جامع رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*