خيرپور ضلعي جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۾ گهپلن واري ڪيس چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏنا ته عملدارن جي ڪارڪردگي نيب رپورٽ ۾ ظاهر آهي

Sindh-high-court-18816

خيرپور ضلعي جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۾ گهپلن واري ڪيس چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏنا ته عملدارن جي ڪارڪردگي نيب رپورٽ ۾ ظاهر آهي، انهن کي ڇڏي ڏنو ته اڳتي هلي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خيرپور ضلعي جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي 613 اسڪيمن ۾ گهپلن واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ نامزد 112 جوابدار پيش ٿيا.

عدالت جوابدارن کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته پنهنجي علائقي ۾ وڃي ڪم ڪرائيندا ته ضمانت ٿيندي، جيڪڏهن ڪم نه ڪرايا ته عبوري ضمانت به ختم ڪري ڇڏينداسين.

وڪيل دليل ڏنو ته کاتي وارن ڪم ڪرايا آهن الزام ڪوڙا لڳايا ويا آهن، چيف جسٽس احمد علي شيخ موٽ ۾ رمارڪس ڏنا ته جيڪي ڪم ڪرايا آهن اهي نيب جي رپورٽ ۾ ظاهر آهن، توهان جي پنهنجي پاڙي ۾ به گندو پاڻي بيٺل آهي.

چيف جسٽس احمد علي شيخ وڌيڪ رمارڪس ۾ چيو ته انهن ماڻهن وڏيرن جي چوڻ تي مال ٺاهيو، کين ڇڏي ڏينداسين ته اهي وڏيرن جي چوڻ تي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*